دودو III

دودو- III: 657 هه/ 1259ع ۾ سومرو بادشاهه ڳَهڻو ٻيو گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ دودو (ٽيون) حڪومت جي مسند تي ويٺو. هن ڪل 14 سال حڪومت ڪئي. ان وقت دهليءَ جي سلطنت انتشار جو شڪار هئي. سندس ئي دور ۾ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني ۽ پير پٺو رحلت ڪري ويا. سلطان ناصرالدين قباچه پڻ گذاري ويو ۽ ان جي جاءِ تي غياث الدين بلبن (التمش جو هڪ ترڪ غلام) کي دهليءَ جو بادشاهه بڻايو ويو. دودي وڏي دليريءَ سان حڪومت ڪئي ۽ حڪومتي حدن جي حفاظت لاءِ اهڙا اُپاءَ ورتائين، جو ڪنهن به آسپاس واري حاڪم کي حملي ڪرڻ جي همت نه ٿي. هن 671 هه/ 1272ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو